Jump to content

2025:وڪيمينيا

From Wikimania
This page is a translated version of the page 2025:Wikimania and the translation is 88% complete.
6 آگسٽ کان 9 آگسٽ 2025 تائين، نيروبي ۽ آن لائن
ويڪيمينيا@20:شموليت.اثر.پائيداري.


وڪيمينيا سڀني مُفت ڄاڻ جي رٿائن جي ميزباني لاءِ کليل ڄاڻ وارو ساليانو ميڙاڪو آهي، جيڪو وڪيميڊيا فائونڊشن پاران ڪوٺايو ويندو آهي – Commons Wikimedia Commons, MediaWiki MediaWiki, Meta-Wiki Meta-Wiki, Wikibooks Wikibooks, Wikidata Wikidata, Wikinews Wikinews, Wikipedia Wikipedia, Wikiquote Wikiquote, Wikisource Wikisource, Wikispecies Wikispecies, Wikiversity Wikiversity, Wikivoyage Wikivoyage, Wiktionary Wiktionary and Wikifunctions Wikifunctions

– چار ڏينهن جي ميڙاڪن، چرچا، ملاقاتن، سکيا ۽ ورڪشاپن سان. سڄي دنيا مان سوين رضاڪار ۽ آزاد علم جا اڳواڻ مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ، نون رٿائن ۽ طريقن تي رپورٽ ڪرڻ ۽ ويچار ونڊڻ جي مٽاسٽا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن.

ويڪيمينيا 2025، هن سالياني تقريب جو 20 هون ايڊيشن، 6 کان 9 آگسٽ 2025 تائين ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ آن لائن/ورچوئل ميراڪو سيٽ اپ سان ٿيندو، ۽ 5 آگسٽ تي اڳواٽ ميڙاڪي (ڪانفرنس) جون سرگرميون ٿينديون. اهو اوڀر آفريڪا جي ويڪيميڊيا رضاڪارن ۽ واھپيدار گروپن (ارٿ ھب) ۽ ويڪيميڊيا فائونڊيشن جي سھڪار سان ميزباني ڪئي ويندي.

هي ايڊيشن هڪ وڏي سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو جيئن ته اهو ويڪيمينيا جي 20 هين سالگرهه پڻ ملهائي ٿو.

هن پني تي اڃا اڏاوتي ڪم ھلي رھيو آهي. انھيءَ دوران، جيڪڏهن توهان ياترا جي ڄاڻ ڳولھي رهيا آهيو، ته توهان ويڪي وائيج جا پنا نيروبي، ڪينيا يا اوڀر آفريڪا جا ڏسي سگهو ٿا.توھان

تنظيمي ٽيم سان ملو. عام سوالن لاءِ، توهان اسان جي ڳالھ ٻولھ واري پني تي لکي پڇا ڳاڇا ڪري سگهو ٿا يا wikimania(_AT_)wikimedia.org تي اي ميل اماڻي سگهو ٿا.